ڪيرت ٻاٻاڻي

ڪيرت ٻاٻاڻي

ڪيرت ٻاٻاڻي

ڪيرت ٻاٻاڻي: ڪيرت ٻاٻاڻي سنڌ ۽ هند جي چند غير معمولي اديبن ۽ مفڪرن مان هڪ هو، جنهن جون قومي، ادبي ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل خدمتون سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ هميشه ياد رهنديون. هن جو پورو نالو ڪيرت چوئٿرام ٻاٻاڻي هو. هن جي جنم ڀومي ڳوٺ موريو لاکو، تعلقو سڪرنڊ، ضلعو نوابشاهه، (هاڻي بينظير آباد) آهي، جتي هن 3 جنوري 1922ع تي جنم ورتو. هن اسڪولي تعليم مئٽرڪ تائين ”ولس اسڪول نوابشاهه“ (لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول نواب شاهه جي برانچ، هاڻي گورنمينٽ ايڇ. ايم خواجه هاءِ اسڪول جي برانچ) ۾ حاصل ڪئي. هن جي تعليم بي. اي ۽ ايل. ايل. بي آهي. نوابشاهه ۾ شاگرديءَ دوران استاد روچيرام ٿانواڻيءَ جي ترتيب هيٺ قومپرستيءَ جو صلو من ۾ انگوريس. سنڌ اندر مزدور ۽ شاگرد جدوجهد سان گڏ انگريزن کان ملڪ جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ڪانگريس جي اثر هيٺ حصو ورتائين. ان زماني ۾ ٽنڊي آدم ۽ نوابشاهه ۾ جلسن ۾ شريڪ ٿيندو هو. اسڪولي جيون ۾ پرڀات ڦيريون ڏيڻ، هٿ سان پترا لکي ورهائڻ ۽ قومي ڏينهن ملهائڻ سندس مشغوليون هيون. سنڌ اسٽوڊنٽس ڪانگريس جو سيڪريٽري رهيو. سنڌ ۾ سندس ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، حشو ڪيولراماڻي، سائين جي. ايم سيد، شيخ اياز، حيدر بخش جتوئي ۽ قاضي فيض محمد سان تعلقات رهيا. هي بنيادي طرح ترقي پسند ۽ سنڌ دوست اديب ۽ دانشور هو، ڪيرت بنيادي طرح آزاديءَ جي هلچل جي پيدائش هو، هو سنڌي ادبي سنگت جي اوائلي ميمبرن مان هو ۽ هن، سنڌ ۾ رهڻ دوران جديد ترقي پسند ادب کي اي. جي. اُتم، گوبند پنجابي ۽ گوبند مالهيءَ سان گڏجي همٿايو. ’نئين دنيا‘ ڪتاب گهر ڪراچيءَ جو ان ڏس ۾ وڏو ڪردار هو. هن ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ڇڏڻ نه ٿي چاهي، پر پهرين سرڪار کيس باغي سرگرمين ۾ شرڪت سبب 11 مهينا قيد ۾ رکيو ۽ آزاديءَ بعد به سي. آءِ. ڊي سندس پيڇو نه ڇڏيو. ڪجهه وقت جي. ايم. سيد ۽ حيدر بخش جتوئيءَ وٽ لڪندي گذاريائين. جتوئي صاحب جي ”هاري حقدار“ اخبار سنڀاليائين، پر سيءَ. آءِ. ڊيءَ سندس پيڇو نه ڇڏيو ۽ نئين پاڪستاني حڪومت هڪدم ملڪ ڇڏڻ جو پروانو هٿ ۾ ڏئي، کيس سنڌ مان زوريءَ روانو ڪيو ۽ هو اکين مان لڙڪ لاڙيندو پنهنجي جنم ڀوميءَ کي الوداع ڪري هند روانو ٿي ويو. ڪيرت ٻاٻاڻيءَ وطن ڇڏڻ کان پوءِ هند ۾ ڪيترن سماجي، ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن سان واڳيل رهيو. هُو ”اکل ڀارت، سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا“ جو 18 سالن تائين صدر رهيو. جنهن پليٽ فارم تان هن پنهنجي بزرگن ۽ ساٿين بي. ايڇ ناگراڻي، لالسنگهه اجواڻي، اي. جي. اتم، گوبند مالهي، ڪرشن راهي، موتي پرڪاش، پوپٽي هيراننداڻي، هري دلگير، ڪلا پرڪاش، موهن ڪلپنا، لڇمڻ ڪومل، سندري اتمچنداڻي، ٽيڪچند مست ۽ ٻين سان گڏجي 16 سالن جي ڊگهي جدوجهد کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي ڀارتي آئين ۾ 10 اپريل 1967ع تي سرڪاري ٻولي تسليم ڪرايو. ڪيرت ٻاٻاڻي، ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ جي سنڌي ٻوليءَ جي صلاحڪار ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو. هن 1981ع ۾ روس جو دورو ڪيو، 1983ع ۾ ورلڊ پيس ڪائونسل طرفان ’چيڪو سلواڪيا‘ ويو. ان کان سواءِ انٽرنيشنل سنڌي ڪانفرنس جي سڏ تي آمريڪا ۽ انگلينڊ جا دورا ڪيائين، کيس ”سوويت لئنڊ نهرو“ امن اوارڊ (1980ع)، تعليم کاتي دهليءَ پاران ”اعليٰ ادبي خدمتن تي مڃتا“ اوارڊ (1986ع)، مهاراشٽر سنڌي ساهتيه اڪاڊميءَ پاران ادبي اوارڊ (1989ع)، ڀارتيه ڀاشا پريشد پاران ”ادبي اوارڊ“ (1992ع) ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران ”جي. ايم. سيد اوارڊ“ وغيره مليا. ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”هوءَ“ (ڪهاڻيون 1956ع)، ”مالوا“ (مئڪسم گورڪيءَ جي ناول جو ترجمو: 1958ع)، ”ڪُولي“ (ملڪ راج آنند جي ناول جو ترجمو: 1960ع)، ”جو درد دل ۾ سمائجي نه سگهيو“ (ڪهاڻيون: 1966ع)، ”سُوريءَ سڏ ڪيو“ (ناٽڪ: 1972ع)، ”ادب ۾ قدرن جو سوال“ (تنقيد: 1974ع)، ”لينن، دنيا جي عظيم انقلابي شخصيت:“ (1980ع)، ”اوک ڊوک“ (تنقيد: 1981ع)، ”چونڊ سنڌي مضمون“ (ترتيب: 1981ع)، ”جيڪي ڏٺو هو مون“ (روس جو سفرنامو: 1982ع)، ”اٻول رڻي“ (1982ع)، ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ جو جائزو“ (1986ع)، ”امن جي افق ڏانهن“ (مضمون: 1987ع)، ”پيهي منجهه پاتال“ (مضمون: 1987ع)، ”جيئي سنڌ، سدا جيئي“ (ڪهاڻيون)، ”نه ليليٰ نه مجنون“ (ڪهاڻيون: 1987ع)، ”چونڊ سنڌي ڪهاڻيون“ (ترتيب: 1989ع)، ”چونڊ سنڌي مضمون“ (1991ع)، ”اوهين سڀ ننگا نڪتا آهيو“ (ڪهاڻيون: 1993ع)، ”ڪجهه ٻڌايم، ڪجهه لڪايم“ (آتم ڪٿا،4 جلد: 1997ع)، ”لڪيو لياڪا پائين“ (شاعري: 2000ع)، ”ڌرتيءَ جو سڏ“ (ناٽڪ: 2004ع)، ”سو سڏ، سو پڙاڏو“ (اڌ صديءَ جا خط: 2004ع)، ”سنڌين جو سفر“ (موهن گيهاڻي ۽ هري پنڪج سان گڏ سنڌي ٻولي هلچل جو دستاويز: 2007ع)، ۽ ”مراٺي ادب جي تاريخ“ (ترجمو) شامل آهن. ڪيرت ٻاٻاڻي 03 جنوري 2015ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وصعيت موجب هن جون هاٺيون،19 سيپٽمبر 2015ع تي ڄام شوري ۾ سنڌو درياهه ۾ پرواهه ڪيون ويون.


لفظ ڪيرت ٻاٻاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.00.00  عيسوي

ڪيرت ٻاٻاڻي ورهاڱي تي هڪ ليک لکيو، جيڪو ” تون پُڇين ٿو ته مان اُداس ڇو آهيان! “ جي نالي سان 1956ع جي ” مهراڻ “ رسالي ۾ ڇپيو


1967.04.10  عيسوي

ڪيرت ٻاٻاڻي ساٿين سان گڏجي 16 سالن جي ڊگهي جدوجهد کان پوءِ سنڌي ٻولي کي ڀارتي آئين ۾ 10 اپريل 1967ع تي سرڪاري ٻولي تسليم ڪرايو


2007،05.07  عيسوي

ڪيرت ٻاٻاڻي 07 مئي 2007ع تي ديهانت ڪري ويو.


1922.01.03  عيسوي

ڪيرت ٻاٻاڻي جو پورو نالو ڪيرت چوئٿرام ٻاٻاڻي آهي. هن جي جنم ڀومي ڳوٺ موريو لاکو، تعلقو سڪرنڊ، ضلعو نوابشاهه، (هاڻي بينظير آباد) آهي، جتي هن 3 جنوري 1922ع تي جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ جاويد علي سنڌي
طارق اشرف
سرور سيف
رسول بخش ٻگھيو گچيرائي
حشمت پارواڻي
وينا شرنگي
گل محمد چنا
آگرو غلام رباني
عبدالرشيد گبول
سيال احمد خان
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون